اخباري ملازمن لاءِ 8 ويج بورڊ جي گڏيل عبوري ايوارڊ جو اعلان ، اپوزيشن وارا ڀڀڪين سان بجيٽ جي منظوري نٿا روڪي : فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) اخباري ملازمن لاءِ 8 ويج بورڊ جي گڏيل عبوري ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو اربع تي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت هيٺ ويج بورڊ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحافين جي نمائنده تنظيمن جا عهديدار شريڪ ٿيا. پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر بحزاد سليمي اجلاس ۾ پي آر اي جي نمائندگي ڪئي اخباري ملازمن لاءِ 8 ويج بورڊ گڏيل عبوري ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو اعلان ويج بورڊ جيچ يئرمين جسٽس رخسنات ڪيو. جسٽس ريٽائرڊ حسنات چيو ته ويج بورڊ ايوارڊ جو عمل پهرين فيبروري 2019 کان ٿيندو جسٽس حسنات چيو ته پگهارون ادا نه ڪندڙ اخبارن کي سرڪاري اشتهار نه ڏيڻ گهرجي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن چيلينج حڪومت جا نه پر ملڪ ۽ عوام جا هوندا آهن هن چيو ته ميڊيا چيلينجز کي منهن ڏيڻ جو هٿيار آهي عبوري ويج بورڊ درست رخ ۾ هڪ قدم آهي هن چيو ته عبوري ويج بورڊ جو مستقبل ويج بورڊ سان ڳنڍيو ويندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته خواهشن تي ٻڌل قانون ۽ قدم مڙهڻ جا درست نتيجا حاصل نه ٿيندا صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پاران ويج بورڊ تي عملدرآمد جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن جي تجويزن جي آجيان ڪيان ٿي هن چيو ته مستقل ويج بورڊ ايوارڊ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو ٽربيونلز جي انگ کي هڪ کان وڌايو ويندو هن چيو ته نيئن ميڊيا ۽ ايڊوٽائيزنگ پاليسي کي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ صحافتي تنظيمن سان صلاح مشورا ڪنديس، هن چيو ته موجوده پاليسي ۾ ايڊورٽائيزنگ ايجنسين جو کل جوڳو ڪردار آهي هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي پگهارن کي اشتهارن سان ڳنڍڻ ليگل ڪور ضروري آهي هن چيو ته پي آءِ ڊي صحافين جو مڪمل ڊيٽا تيار ڪري.

اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن وارا ڀڀڪين سان بجيٽ جي منظوري نٿا روڪي سگهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ڪڏهن ناهي چيو پارليامينٽ هلڻ نه ڏيندس، هو جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکي ٿو ۽ ادارن کي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عوام ڦرلٽ ڪندڙ ٻن خاندانن کي رد ڪيو ۽ عمران خان کي اقتدار بخشيو، هن بجيٽ کي عوامي نمائندا پاس ڪندا، ڀڀڪيون هڻندڙ بجيٽ جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن عمران خان کي پنهنجي مشن تان پوئتي نٿي هٽائي سگهي، اپوزيشن ليڊر اڄ قومي اسيمبلي ۾ حقيقتن جي ابتڙ بيان ڏنو، شهباز شريف پارليامينٽ کي ذاتي مشهوري جو ذريعو بڻايو. فردوس عاشق اعواڻ چيو پراميد آهيان ته اپوزيشن عوام سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙيندي، مخالف ڌر اڳواڻ غنڊي گردي سان نه پر آئيني ۽ پارلياماني طريقي سان عوامي مفاد ۾ ترميمون آڻي، اسان منظور ڪرائينداسين. اپوزيشن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي سوال تي جواب ڏيندي هن چيو ته پروڊڪشن فلمن ۽ ڊرامن ۾ هوندي آهي، سياسي اداڪارن کي ڇو نه پيو آندو وڃي، ان بابت اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *