سنڌ حڪومت جو پوليو ويڪسين کان انڪاري والدين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پوليو جو خاتمو صوبائي حڪومت لاءِ ھڪ وڏو چئلنج بڻجي ويو آھي انڪري سندس ٽيم کي ھدايت ڪئي تھ اھي ان کي ھڪ چيلنج سمجھندي نئين حڪمت عملي ۽ صلاحيت اختيار ڪئي وڃي ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ھن اھو فيصلو اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرھ پيچوھو، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاھھ، انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صوبائي صحت وارو سيڪريٽري، ناڻي وارو سيڪريٽري، سمورا ڊويزنل ڪمشنرز، وفاقي حڪومت جو نمائدو ڊاڪٽر ملڪ ايم شيفع، ڊي ايم جي ايف سيٽل جو ٽم پيٽرسن، يونيسيف جو جون ايگبور، ڊبليو ايڇ او جو ڊاڪٽر عابدي، روٽري انٽرنيشنل جو عزيز ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان ۽ افغانستان دنيا ۾ واحد ملڪ آھن جتي اڃا تائين پوليو جا ڪيس سامھون اچي رھيا آھن. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ پوليو جا 24 ڪيس ۽ افغانستان ۾ 8 ڪيس سامھون آيا آھن. سنڌ ۾ 2019ع دوران 3 ڪيس سامھون آيا جيڪي مون لاءِ نھايت ڏکوئيندڙ ڳالھھ آھي ڇاڪاڻ تھ گذريل سال 2018 ۾ ھڪ ڪيس ۽ 2017 ۾ ٻھ ڪيس سامھون آيا ھئا. ھن چيو تھ ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ پوليو ڪيسن ۾ گھٽتائي اچڻ بدران واڌ ٿي رھي آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ صوبائي حڪومت ۽ ان جي ٽيڪنيڪل ٽيم کي گھرجي تھ پوليو ڪيسن ۾ اضافي لاءِ پنھنجو احتساب ڪري تھ اسان ڪٿي ناڪام ٿيا آھيون ۽ اسان جو ڪاوشون نتيجا ڏيڻ ۾ ڇو ناڪام ٿي رھيون آھن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ پاڪستان ۾ گڏيل طور تي 24 پوليو ڪيس سامھون آيا آھن جن مان سنڌ ۾ 3 بشمول ھڪ لاڙڪاڻي ۽ ٻھ ڪراچي، 3 پنجاب، 12 خيبر پختون خواھھ ۽ ڪي پي ڪي جي قبائلي علاقن ۾ 6 ڪيس سامھون آيا آھن. واضح رھي تھ لياري جي صفيھ، لاڙڪاڻي جي بيبي فضا ۽ گلشن اقبال جو عبدالنثار کي فيبروري ۽ اپريل 2019ع ۾ ترتيبوار پوليو ظاھر ٿي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ ڪراچيءَ جي 11 مختلف علائقن بشمول سھراب ڳوٺ، مڇرڪالوني، خميسو ڳوٺ گڏاپ، ڇاڪرو نالو، راشد منھاس روڊ، محمد خان ڪالوني، بختاور ڳوٺ، اورنگي نالو، ڪورنگي نالو، حاجي منير ڳوٺ ۽ ھجرت ڪالوني شامل آھن ۾ پوليو وائرس جي نشاندھي ماحولياتي سرويلنس ذريعي ٿي آھي. صوبي جي ٻھراڙين نئين سکر، حيدرآباد ۽ دادو ۾ پوليو وائرس جي نشاندھي ٿي آھي. ان تي وڏي وزير سندس ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تھ سال 2015ع کان مارچ 2019ع تائين دادو پوليو وائرس کان ڪليئر ھو ۽ ھاڻي ٻيھر پوليو وائرس جي موجودگي سان لاڳاپيل آفيسرن جي نااھلي ثابت ٿئي ٿي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ ھُو آفيسرن بشمول لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر جتي پوليو وائرس ظاھر ٿيو آھي انھن خلاف ڊسيپلينيري ايڪشن ورتو وڃي. ھن چيو تھ اسان جا ڊي سيز، ڊي ايڇ اوز، پوليو جي خاتمي جون ٽيمون ۽ لاڳاپيل لوڪل باڊيز جا آفيسر سندن علائقن ۾ ڇا ڪري رھيا آھن جو اتي پوليو وائرس ڏٺا ويا آھن. ھن چيو تھ ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي سندن علائقن مان پوليو ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ تي شوڪاز نوٽس جاري ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ ڪراچيءَ ۾ 203733 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ اڃا بھ 251806 ٻار رھيل آھن. ان تي وڏي وزير سندس ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پوليو ٽيمن کي ھدايت ڪئي تھ انھن ٻارن جي والدين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي جيڪي سندن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا کان انڪار ڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ ان حوالي سان آءِ جي پوليس سندس ھدايت تي عمل ڪندي پوليس اسٽيشن لاءِ ھدايت جاري ڪري. ھن چيو تھ اھي ڪيس علائقي جي پوليو ٽيم جي شڪايت تي داخل ڪيا ويندا. واضح رھي تھ شھيد بينظير آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آھن سواءِ حيدرآباد جتي رڳو 5827 ٻارن رھيل آھن. وڏي وزير پوليو ٽيمن کي ھدايت ڪئي تھ اھي رھيل ٻارن لاءِ خاص مھم شروع ڪئي وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ٻارن کي لازمي پوليو جي ويڪسينيشن بابت ھڪ ڊرافٽ قانون تيار ڪيو وڃي. ھن ناڻي واري سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ ھُو پوليو ورڪرز لاءِ 412 ملين رپيا جاري ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سندس پوليو ٽيمن جي ھمت وڌائڻ ۽ لاڳاپيل کاتي کي فعال بڻائڻ لاءِ پوليو مھم ۾ ذاتي طور تي شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *