وزيراعظم جي خطاب سان ڪشمير ڪاز نئين طاقت سان دنيا جي سامهون ايندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خطاب سان ڪشمير ڪاز نئين طاقت سان دنيا آڏو ايندو هو قوم ۽ ڪشميرين جي خواهشن کي عالمي برادري تائين پهچائيندو فردوس عاشق اعواڻ ٽيوٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته پنهنجي آزادي لاءِ پرعزم مظلومن جو سفير دنيا جي سڀ کان وڏي ايوان ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو ڪيس پيش ڪندو هن چيو ته دنيا کي ڪشمير جي مظلومن جو ساٿ ڏيڻو پوندو گذريل ستن ڏهاڪن ۾ ڪشميرين جي حق ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو آواز وزيراعظم عمران خان جو آهي جيڪو اڄ گهٽي گهٽي ٻڌجي رهيو آهي هن چيو ته وزيراعظم عمرانخ ان ناروي جي وزيراعظم، انڊونيشيا جي نائب صدر، روسي پرڏيهي وزير ۽ وال اسٽريٽ جرنل جي اداراتي بورڊ سان ملاقاتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، انساني حقن جي لتاڙ ۽ خطي جي امن کي سخت خطرن کان آگاهه ڪيو وزيراعظم هيومن رائٽس واچ جي ايگزيڪيوٽو دآئريڪٽر کي ٻڌايو ته ڀارتي فوج وادي ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آهي والاريل ڪشمير ۾ انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو هن چيو ته وزيراعظم ٻڌايو ته دنيا کي رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *