نريندر مودي کي ڀڄ ڊڪ باوجود اهو سڀڪجهه نه ملي سگهيو جيڪو اسان جي وزيراعظم ڪمري ۾ ويهي حاصل ڪيو: شاهه محمود قريشي

نيويارڪ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڀڄ ڊڪ جي باوجود اهو سڀ ڪجهه نه ملي سگهيو جيڪو اسان جي وزيراعظم ڪمري ۾ ويهي حاصل ڪيو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي خطاب کان پوءِ وطن واپس روانو ٿيندو ۽ آچر تي آزاد ڪشمير ۾ زلزلي سٽيلن علائقن جو دورو ڪندو والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته برطانيا ۾ 50، آمريڪا ۾ 35 پارليمينٽ ميمبرن خط لکيا اهن آمريڪا ۽ برطانيا جون حڪومتون ڪيستائين ڪشمير جي مسئلي کي پٺي ڏينديون رهنديون هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال اهڙي ٿي رهي آهي جو حڪومتون نه چاهيندي به ڳالهائڻ تي مجبور ٿينديون. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت سان ٻطرفي ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل وڃڻ جو مقصد ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اٿارڻ هو جڏهن ته او آءِ سي جو اجلاس سڏائي امت کي گڏ ڪرڻ ۾ اسان کي ڪاميابي ٿي هن معاملي تي آزاد ڪشمير جي قيادت به فعال آهي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت هڪ نئون ناٽڪ ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ هو وائکو ٿيندو هن چيو ته ڀارت پاڪستان تي دهشتگردن جا ڪئمپس فعال ڪرڻ جو الزام مڙهي رهيو آهي ڀارت ڪئمپن جي بهاني هڪ ٻيو حملو ڪرڻ چاهي ٿو عالمي برادري کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيستائين اتان جي ڪميونٽي پاڻ ملوث نه ٿيندي ڪوئي ڪجهه نٿو ڪري سگهي هتان جي عوام چندو گڏ ڪيو ۽ حڪومت کي 10 کان 12 درخواستون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *