ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا ڪندڙ 20 ملڪن ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي اچي ويو ، عالمي بئنڪ جي رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا ڪندڙ 20 ملڪن ۾ پاڪستان لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو اهڙي حوالي سان عالمي بئنڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جمعي تي رپورٽ موجب پاڪستان ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 6 اهم شعبن ۾ رنڊڪون ختم ڪيون پاڪستان ۾ اڏاوتي ڪمن، بجلي ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ ۽ پراپرٽي کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪئي ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان واپار وڌائڻ لاءِ به آساني پيدا ڪئي ويئي حڪومت ملڪ ۾ معاشي شعبي ۾ سڌارا ڪري رهي آهي سڌارن تي عملدرامد لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ سڌار اسٽيرنگ ڪميٽي قائم ڪئي ويئي رپورٽ موجب پاڪستان ڪاروبار ۾ اساني لاءِ آن لائين قدم وڌايا آهن ڪراچي بلڊنگ ڪنترول اٿارٽي ۽ لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي کان اڏاوت جي اجازت ۽ پراپرٽي جي رجسٽريشن کي آسان بڻايو ويو رپورٽ موجب بجلي جا نوان ڪمرشل ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائين درخواست سان ڪافي آساني ٿي رپورٽ موجب آن لائين ٽيڪس ڏيڻ جو طريقو متعارف ڪرائڻ سان به ٽيڪس ادائيگي ۾ سهولت حاصل ٿي ۽ ٽِڪس اڳاڙيون وڌيون. رپورٽ موجب پاڪستان بين الاقوامي سرحدن تي مال جي تيز رفتار ڪليرنس لاءِ ڪيترائي قدم کنيا بارڊر تي تجارتي سامان جي جلد ڪليرنس لاءِ مختلف سرڪاري ايجنسين ۾ رابطن کي بهتر بڻايو ويو رپورٽ موجب ڪاروبار ۾ اساني جي عالمي درجه بندي ۾ پاڪستان ڪيترو مٿي ويو ان جو تعين عالمي بئنڪ جي آڪٽوبر ۾ جاري ٿيندڙ رپورٽ ۾ ڪيو ويندو عالمي بئنڪ جي ڪنٽري هيڊ ٽوئٽ ڪيو ته پاڪستان ڇهن شعبن ۾ سڌارا ڪيا ڪاروبار ۾ آساني جي عالمي درجه بندي جي رپورٽ 24 آڪٽوبر تي جاري ٿيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن جي قدمن جي تعريف ڪيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *