وزيراعظم جي ترڪمانستان جي صدر سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اشڪ آباد (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي وفد ساڻ ڪري ترڪمانستان پهچي ويو آهي، جتي وزيراعظم نواز شريف ترڪمانستان جي صدر سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ترڪمانستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ۽ وڌيڪ بهتر ٿي رهيا آهن، روس کي سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ واري خواهش تي ڀليڪار ڪيون ٿا، تاپي منصوبو پاڪستان ۾ گيس جي ضرورت پوري ڪندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر سال اعليٰ سطح تي رابطو ٿيڻ گھرجي، چئني ملڪڻ ٽرانسپورٽيشن، رابطن سان ساڍا 3 ارب آباديءَ کي فائدو ٿيندو، ڪافي ملڪ سي پيڪ منصوبي ۾ شرڪت جا خواهشمند آهن، وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي دوستي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي، تاپي پيس منصوبي تي اڳڀرائي ٿي رهي اهي، تاپي منصوبو خطي ۾ بهتريءَ جو منصوبو آهي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ ايئر روٽن ۾ واڌ ڪئي ويندي، سي پيڪ وچ ايشيائي ملڪن سان سلهاڙڻ لاءِ ترڪمانستان راضپو ڏيکاريو، اقتصادي راهداري منصوبي سان سڄي ملڪ ۾ ترقي ٿيندي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *