سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گلگت بُلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بُلتستان جي وڏي وزير ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال تي سنڌ جي وڏي وزير کي واڌايون ڏنيون. گلگت بُلتستان جي وڏي وزير سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا کي گلگت بُلتستان جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته اوهان اتي ڪابينا جو اجلاس به ڪوٺايو، هن چيو ته اوهان جي ۽ سنڌ ڪابينا جي دوري سان گلگت بُلتستان جي سياحت جي شعبي ۾ واڌ ٿيندي ۽ گلگت بُلتستان جي خوبصورت تفريحي هنڌن ڏانهن سياح به راغب ٿيندا ۽ سياحت کي هٿي ملندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس دوري جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هُو جلد ڪابينا جي ميمبرن سان گلگت بُلتستان جو دورو ڪندو. گلگت بُلتستان جي وڏي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي اها آڇ به ڪئي ته هُو گلگت بُلتستان ۾ سنڌ هائوس لاءِ زمين فراهم ڪرڻ لاءِ به تيار آهي ۽ اوهان به ٻين صوبن جيان اتي سنڌ هائوس تعمير ڪرايو. سنڌ جي وڏي وزير سندس ان آڇ کي به قبول ڪندي چيو ته جلد ان حوالي سان لاڳاپيل مامرن جو جائزو وٺي ان رٿا کي به حتمي شڪل ڏني ويندي. گلگت بُلتستان جي وڏي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ گلگت بُلتستان جون سيٽون وڌائڻ جي گذارش به ڪئي هن وقت سي ايم سي ۾ گلگت بُلتستان جون ٻه سيٽون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان حوالي سان هُو صورتحال جو جائزو وٺندو. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هوائي فوج جي شهيد آفيسر مريم مختيار کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڪراچيءَ ۾ ڪاليج جو نالو سندس ناليءَ تي رکي ڇڏيو. هن گورنمينٽ ڊگري لياقت آباد جو نالو تبديل ڪري شهيد فلائنگ آفيسر مريم مختيار گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لياقت آباد رکڻ واري سمريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اخبار ۾ شايع ٿيل ان خبر تي جنهن ۾ سنڌ جي ٻن ضلعن دادو جي پيارو اسٽيشن ۽ بدين جي گولاڙچي مان هڪ ڏينهن ۾ پوليو جا 8 ڪيس سامهون اچڻ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي صوبائي صحت واري سيڪريٽري کان ان حوالي سان فوري رپورٽ گهري ورتي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ سختيءَ سان ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ ٻارن کي پوليو جا ڦُرا باقاعدگيءَ سان پياريا پيا وڃن، پر انهن سمورين احتياطي قدمن باوجود پوليو ڪيسن جو سامهون اچڻ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ دستياب وسيلن سان ڀرپور ريت فائدو حاصل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *