ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهي ٿو پر قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ خودمختياري کي هر شيءَ تي اوليت ڏني ويندي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ڀارت کان هضم نه ٿي رهيو آهي، ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، نجي تعليمي ادارن پاران انڪم ٽيڪس جي نالي تي فيس ۾ اضافو غيرقانوني آهي، فيس وڌائڻ وارن تعليمي ادارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ٻه لک رپين کان وڌيڪ جي سالياني فيس ادا ڪندڙ والدين تي ٽيڪس هنيو ويو، گذريل ٻن سالن دوران ڪڻڪ ۽ چانور جي ڪا کيپ ضبط نه ڪئي وئي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر سسئي پليجو جي ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران گولاباري جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته اهڙي قسم جي واقعن کي قبول ڪيو ويندو. هن چيو ته جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿئي ٿو ته ان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو وڃي ٿو ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ پرڏيهي آفيس جي سطح تي احتجاج به ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو ڀرپور جواب به ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ڀارت کي هضم نه ٿي رهيو آهي، ڀارت چين کي به ان منصوبي جي حوالي سان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چين ان جي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڀارت پاڪستان جي اندر به ڀارتي ميڊيا جي ذريعي غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي قيادت گڏجي ان منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ اڳوڻي سينيٽر عبدالطيف انصاري ۽ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ پاران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته نجي تعليمي ادارن جو انتظام ايف بي آر تحت نه آهي ۽ ريگيوليٽر ان جا انتظام هلائين ٿا. هن چيو ته ٻارن جي سالياني 2 لک کان وڌيڪ فيس ادا ڪندڙ والدين تي ودهولڊنگ ٽيڪس هنيو ويو آهي ڇو ته معاشري جو هڪ وڏو امير طبقو ٽيڪس نه ٿو ڏي پر اهو ٽيڪس ايڊجسٽ ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *