سينيٽ پاران ڪريڊٽ بيورو بل 2015ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ ڪريڊٽ بيورو بل 2015ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اسحاق ڊار رٿ پيش ڪئي ته ڪريڊٽ بيورو بل 2015ع کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ چيئرمين شقوار منظوري جي لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *