بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ ايندڙن جي آجيان ڪنداسين: آرمي چيف

ڪوئٽا(بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف  ڪوئٽه جو دورو ڪيو. آرمي چيف سان گڏ ڊي جي آئي ايس پي آر، چيف سڪريٽري ۽ آئي جي ايف سي به موجود هوآئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف کي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال  ۽ سلامتي بابت گڏيل بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچساتن ۾ گڏيل طور تي امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي،ايف سي ۽ پوليس جي آپريشن سان ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اثرائتي ڪاررواين سبب فرقيواريت تشدد ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.ڪوئٽه ۾ سدرن ڪمانڊ هيڊ ڪواٽر جو دورو ڪندي جنرل راحيل شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ساراهيندي چيو ته ايف سي ۽ پوليس ٽارگيٽڊ ڪاررواين سان صوبي ۾ امن امان جي صورتهال بهتر ٿي آهي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف تشدد جو رستو ڇڏي ۽ هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته تشدد جو رستو ڇڏي قومي مفاد جي راهه ڏانهن وڌندڙن سان سهڪار ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته بجلي ۽ تجارت جي حوالي سان بلوچستان ريجنل حب جي حيثيت رکي ٿو ۽ سول توڙي ملٽري ڪوششن سان بلوچستان ترقي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *