ورون نتاشا سان مڱڻي جي تاريخ اڳتي وڌائي ڇڏي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون ۽ سندس گرل فرينڊ نتاشا دلال جي محبت جا چرچا ته ڊگهي عرصي تائين هر خاص ۽ عام جي زبان تي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 35

آهن ۽ ٻنهي جي هلندڙ مهيني مڱڻي جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون هيون پر سندن مڱڻي رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب 24 هين اپريل تي ورون ڌون جي سالگرهه جي موقعي تي نتاشا دلال کي ڌون ڪٽنب جي مستقبل جي نونهن بڻائڻ جو اعلان ٿيڻو هو پر اوچتو ورون ڌون ڀارت ۾ سالگرهه ملهائڻ بدران نتاشا دلال سان گڏ ٻئي ملڪ سالگرهه ملهائڻ هليو ويو.رپورٽ موجب ورون ڌون اڄڪلهه فلم ” قلي نمبر 1 “ جي عڪسبندي ۾ رُڌل آهي جنهنڪري مڱڻي ۽ شاديءَ جا ڪم نه سنڀالي سگهندو اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي مڱڻي جي تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *