ميشا شفيع مونکي ذاتي مفادن لاءِ  نشانو بڻايو: علي ظفر

لاهور ( شوبز نيوز ) گلوڪار ۽ ادڪار علي ظفر چيو آهي ته ميشا شفيع کيس ذاتي مفاد لاءِ ٽارگيٽ ڪيو آهي تنهنڪري هوءَ عدالت اچي ۽ ڪارروائي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 38

کي منهن ڏي.ميشا شفيع پاران جنسي هراسان ڪرڻ واري الزام تي علي ظفر ڳائڻي خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي.لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج شڪيل احمد جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  جنهن ۾ راڳي علي ظفر پيش ٿيو جڏهن ته ڳائڻي ميشا شفيع غير حاضر رهي.ٻڌڻي دوران علي ظفر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ميشا شفيع جي وڪيل ڪيس کي ڄاڻي واڻي التوا جو شڪار بڻائي رهيا آهن.ان دوران عدالت شاهد بقر عباس جو بيان ريڪارڊ ڪيو جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻين شاهدن کي گواهي لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي چار مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي راڳي ۽ اداڪار علي ظفر جو چوڻ هو ته آئون حق ۽ سچ تي آهيان، جيڪو حق ۽ سچ تي هوندو آهي اهو بنا سڏائڻ جي اچي ويندو آهي، الزام هڻندڙ  ذاتي مفاد لاءِ الزام مڙهي پاڻ ڪئناڊا هليا ويا جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ذاتي مفاد لاءِ مون کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي. علي ظفر وڌيڪ چيو ته مون خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي ۽ ميشا جي وڪيل جعلي اڪائونٽن کي فالو ۽ ري ٽوئيٽ ڪري رهي آهي جنهن خلاف ايف آءِ اي کي ڪيس ڏنو آهي.راڳي جو چوڻ هو ته اڄ کان شاهدن کان آڏي پڇا شروع ٿي وئي آهي، ميشا شفيع جا شاهد عدالت اچن ۽ عدالت کي منهن ڏين.هن چيو ته ميشا شفيع جو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي ۽ سندس اپيل رد ٿي چڪي آهي جڏهن ته مون پاران ميشا خلاف توهين جو ڪيس داخل ٿئي هڪ سال ٿي ويو آهي، اسان جا شاهد به اٺ ڀيرا اچي چڪا تنهنڪري ڪيس جو فيصلو جلد ڪيو وڃي ته جيئن منهنجو سچ ۽ سندس ڪوڙ سامهون اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *