ورلڊ ڪپ 2011 جي هيرو يوراج سنگهه عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011ع جي هيرو ڀارتي آل رائونڊر يوراج سنگهه عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.37 ورهين جي يوراج سنگهه 40 ٽيسٽ، /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 16

304 هڪ ڏينهن ۽ 58 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي. هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ ٽن سينچرين ۽ يارنهن ففٽين جي مدد سان 1900 رنسون ٺاهيون.يوراج سنگهه 304 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ 36 جي ايوريج سان 14 سينچرين ۽ 52 اڌ سينچرين جي مدد سان 8 هزار 701 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ هن اٺ ففٽين جي مدد هڪ هزار 177 رنسون اسڪور ڪيون.يوراج سنگهه 2000ع 18 ورهين جي ڄمار ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ انٽري ڏني ۽ ڀارتي ٽيم ۾ مڊل آرڊر بيٽسمين جي حيثيت سان کيڏندو رهيو.يوراج جو شمار ٽي ٽوئنٽي جي ڀلوڙ رانديگرن ۾ ڪيو ويندو آهي، 2007 جي عالمي ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ هن انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽيورٽ براڊ کي هڪ ئي اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا.هن 2011 جي عالمي ڪپ ۾ ايونٽ جي بهترين رانديگرن جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو، ايونٽ ۾ يوراج سنگهه هڪ سينچري، چار ففٽيون ۽ 15 وڪيٽون حاصل ڪيون .ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011ع کان پوءِ يوراج سنگهه ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن کان پوءِ کيس ڪجهه وقت لاءِ ڪرڪيٽ کان پري رهڻو پيو.پر يوراج سنگهه ڪينسر کي مات ڏيندي هڪ ڀيرو وري ڀارتي ٽيم ۾ واپسي ڪئي ۽ وقفي وقفي سان ٽيم ۾ ان ۽ آئوٽ ٿيندو رهيو پر اڄ ممبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن باظابطا طور عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *