اڳوڻو قومي ڪرڪيٽر اختر سرفراز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ڪرڪيٽر اختر سرفراز 43 ورهين جي ڄمار ۾ لااڏاڻو ڪري ويو.پشاور سان واسطو رکندڙ اختر سرفراز ڪينسر جي مرض سبب لاهور جي شوڪت خانم ميموريل اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ اختر سرفراز 1997ع ۽ 1998ع جي وچ ۾ 4 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 20

ڪئي ۽ چئن اننگز ۾ 66 رنسون ٺاهيون.اختر سرفراز جو انٽرنيشنل ڪيريئر ته گھڻو ڪامياب نه هو پر هن هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ڊوميسٽڪ ڪيريئر جي 118 ميچن ۾ 5 هزار 720 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 98 لسٽ اي ميچن ۾ 2 هزار 636 رنسون اسڪور ڪيون.هن آخري ڀيرو 2007ع جي قائد اعظم ٽرافي ۾ پشاور جي نمائندگي به ڪئي هئي، جڏهن ته ريجنل ٽيمن جي ڪوچنگ سان گڏو گڏ 2018ع کان 2019ع جي وچ ۾ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽر جي حيثيت سان به خدمتون انجام ڏيندو رهيو.پي سي بي چيئرمين احسان ماني اختر سرفراز جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ خدمتن تي کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *