آصف ۽ فريال جي ضمانت رد، زرداري گرفتار، جيالا روڊن تي نڪري آيا، باهيون، پوري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان/ ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مستقل ضمانت جي درخوست رد ڪندي نيب کي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي اهي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت ۾ موجود هئا ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊيشنل پراسيڪيٽر جنرل نيب جهانزيب ڀروانا دليل شروع ڪيا ته جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته اوهان ته دليل ڏيئي چڪا آهيو نه، جسٽس عامر فاروق چيو ته ان کي اپيل نه بڻايو ايتري وقت ۾ ته ريفرنسز مڪمل ٿي وڃڻ جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان سڄو ڏينهن دليل ڏيئي چڪا آهيو هاڻي ڪائي شئي رهجي ويئي آهي ته ٻڌايو جهانزي بروانا چيو ته 30 منٽن ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو ڪيس سان تعلق ٻڌائيندس جسٽس عامر فاروق چيو ته ايترا دليل ته ٽرائيل ۾ به ناهن ٿيندا نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڪيس سان تعلق جي پڇا ڪئي هئي اهو ئي ٻڌائيندس عدالت پڇاڻو ڪيو ته 4.5 بلين رپين جي رقم ڇا رڳو اي ون اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته رقم مختلف اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي عدالت کي ان حوالي سان فهرست فراهم ڪري ڇڏي آهي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته چارج سيٽ کي ريفرنس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر 28 جعلي اڪائونٽس تي جاچ جاري آهي هي 4.5 ارب جي ٽرانزيشن جو معاملو آهي پرسيڪيوٽر جهانزي بروانا چيو ته ان حوالي سان سموريون لستون مهيا ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڪيتري رقم اڪائونٽ ۾ آئي ۽ ڪيتري استعمال ٿي جهانزيب بروانا چيو ته 28 بئنڪ اڪائونٽس بابت جاچ هاڻي به ٿي رهي آهي، اي ون انٽرنيشنل ۽ عمير ايسوسيئيٽس سان اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي انهن اڪائونٽس سان زرداري گروپ ۽ پارٿينون ڪمپنين جي ٽرانزيشڪن ٿي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هي 29 مان صرف هڪ اڪائونٽ جو تفصيل آهي باقي 28 اڪائونٽس جي جاچ ٿي رهي آهي پراسيڪيوٽر نيب پاران پاڪ لينڊ ڪيس جي ذڪر تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جسٽس عامر فاروق چيو ته پارڪ لينڊ کي ڇڏي ڏيو اهو ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس سان ڪهڙو تعلق آهي مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اوهان ڪيس کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيو جسٽس عامر فاروق چيو ته سمورو ڪيس ليفٽ اوور ڪري ڇڏيو آهي هن ڪيس کي ٻڌڻ لاءِ عدالت چيو ته هن ڪيس کي ختم ڪرڻو آهي ايتري ڊيگهه ڇو ڏيئي رهيا آهن هي ٽرائيل نه آهي جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان ضمانت جي حد تائين محدود ڇو نٿا رهو ضمانت جي درخواست تي پيرا ميٽرز ڪجهه ٻيا هوندا آهن اوهان ان حد تائين محدود رهو پراسيڪيوٽر نيب چيو ته هي عدالت صرف غيرمعمولي حالتن يا هارڊ شپ جي صورت ۾ ضمانت ڏيئي سگهي ٿي هن ڪيس ۾ ڪي خاص حالتون آهن نه ئي هارڊ شپ ڪي اهڙا گرائونڊ ناهن بڻايا ويا پراسيڪيوٽر نيب چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۾ طئي ٿيل معيار موجب ضمانت نٿي ڏيئي سگهجي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻنهي گائيڊ لائين مطابق آصف زرداري جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون نه آهن نيب پراسيڪيوٽر چيو ته آصف زرداري ڪمپني جي 25 سيڪڙو جو شيئر هولڊر آهي ۽ ان جي فئملي جا به شيئر آهن پراسيڪيوٽر نيب چيو ته بئنڪ آفيسر ڪرسٽوفر اي ون جو جعلي بئنڪ اڪائونٽ بنا طريقيڪار اختيار ڪري بند ڪري ڇڏيو نيب پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل ٿيڻ تي آصف علي زرداري ۽ فريل ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جواب مٿان جواب ڏنا فاروق يڇ نائڪ چيو ته نيب پراسيڪيوٽر فرنٽ ڪمپنين جو ذڪر ڪيو هن ڪيس ۾ ڪائي فرنٽ ڪمپني نه آهي فاروق نائڪ چيو ته هي ڪيس ته احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. هن ڪيس ۾ سڄو الزام ڪجهه بئنڪ ملازمن تي آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته الزام آهي ته بئنڪ آفيسرن جعلي اڪائونٽس کوليا فاروق نائڪ چيو ته هارڊ شپ گرفتاري کان پوءِ ضمانت جي درخواستن ۾ لاڳو ٿئي ٿو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زردري جو جعلي اڪائونٽس سان ڪوبه تعلق نه آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصفزرداري تي اهڙو ڪوئي الزام نه آهي جو هن ڪنهن اڪائونٽ کي کولڻ ۾ مدد ڪئي هئي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جعلي اڪائونٽ کولڻ جي حد تائين آصف زرداري ملزم نه آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته صرف زرداري گروپ تي انهن اڪائونٽس مان ڏيڍ ڪروڙ رپيا اچڻ جو الزام فاروق ايڇ نائڪ چيو ته گهڻي وقت کان چيو پيو وڃي ته زرداري جعلي اڪائونٽ کوليا، ڪٿي آهن اهي اڪائونٽ جيڪي آصف زردري کوليا فاروق نائڪ چيو ته نيب جا مهيا ڪيل دستاويز به پڙهي ڇڏيا ٿو فاروق نائڪ چيو ته ايف آءِ آر سميت سمورن دستاويزن ۾ لکيل آهي ته اڪائونٽ اومني گروپ کوليا فاروق نائڪ چيو ته ڪٿي به آصف زرداري جو نالو ناهي لکيل جڏهن ته بئنڪ اڪائونٽس اوپننگ فارم موجود آهن فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اڪائونٽس اوپنن فارم تي برانچ مئنيجر جون صحيحون موجود آهن برانچ مئنيجر کان پوءِ ري چيڪ لاءِ آپريشن مئنيجر جون صحيحون به موجود آهن فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زرداري جو نالو ڪنهن ايف آءِ آر ۾ به ساٿي جوابدار طور نه آهي هي رقم بئنڪ مان بئنڪ کي منتقل ٿي ان ۾ ڪائي ڳالهه لڪائي ناهي ويئي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زرداري کي ايف آءِ آر ۾ نه جوابدار قرار ڏنو ويو نه ئي ان جو ڪردار ٻڌايو ويو هن چيو ته پراسيڪيوشن چئن ٻڌڻين سان 4.4 بلين جي ڳالهه ڪري رهي آهي منهنجو ان رقم سان ڪوبه تعلق نه آهي زرداري گروپ کي ان مان صرف ڏيڍ ڪروڙ رپيا منتقل ٿيا فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پراسيڪيوشن جي دستاويزن مان تصديق ٿيل آهي ته اي ون اومني گروپ جو اڪائونٽ آهي فاروق ايڇ نائڪ پاران 2009 جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو ويو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سپريم ڪورٽ نيب کي ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ٻن مهينن تائين ريفرنس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ وقت ۾ واڌ ڪئي واڌ نه ٿيڻ کان پوءِ نيب جي جاچ جو اختيار ختم ٿي وڃي ٿو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته نيب جي سموري ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل آهي نيب هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هن ڪيس ۾ وارنٽ جاري ڪرڻ نيب جي چيئرمين جو اختيار نه آهي فاروق نائڪ چيو ته نيب جي چيئرمين وٽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هن ڪيس ۾ چيئرمين نيب گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا فاروق نائڪ چيو ته ريفرنس داخل ٿيڻ کان پوءِ چيئرمين نيب پاران گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا ٻڌڻي دوران اڳوڻو صدر اصف علي زرداري پنهنجي سيٽ تان اٿي روسٽرم تي آيو ۽ اڳوڻي صدر فاروق ايڇ نائڪ سان گفتو ڪري ٻيهر پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺو فاروق نائڪ چيو ته مان قانون پڙهي ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته وارنٽ ڪهڙي وقت جاري ڪري سگهجن ٿا وارنٽ انڪوائري يا انويسٽيگيشن دوران جاري ڪيو وڃي ٿو فاروق نائڪ چيو ته هن ڪيس جو عبوري ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٿي چڪو آهي هي ڪيس هاڻي انڪوائري يا انويسٽيگيشن جي سطح تي نه آهي فاروق نائڪ چيو ته نيب جي چيئرمين وٽ اختيار نه آهي ته هن مرحلي تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اڃا ته لاڳاپيل عدالت چارج به فريم ناهي ڪيو لاڳاپيل عدالت جي جج جو اختيار آهي ته هو وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿو جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٽرائيل ڪورٽ مچلڪا منظور ڪيا آهن فاروق ايڇ نائڪ چيو ته لاڳاپيل ٽرائيل ڪورٽ مچلڪه منظور ڪري حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو آهي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ به مچلڪه منظور ڪيا هئا فاروق ايڇ نائڪ چيو ته نه احتساب عدالت پهريون ڀيرو مچلڪه منظور ڪيا آهن فاروق ايڇ نائڪ مچلڪه منظور ڪرڻ جو احتساب عدالت جو حڪم نامو عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ميڊيا تي روزانو هڪ پارٽي جي سربراهه آصف زرداري جي ڪردار ڪشي ٿيندي رهي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي اربين رپين مني لانڊرنگ جو الزام مڙهيو وڃي ٿو فاروق نائڪ چيو ته نيب پاران ڪجهه ڏينهن پهريان به سوالنامو موڪليو ويو آگاهه ڪيو ويو ته اومني گروپ جا شگرملز آهن رقمون اتان ملن ٿيون هن چيو ته عدالت ڪچي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست منظور ڪري اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جا دليل مڪمل ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ ضمانت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي اڳوني صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مستقل ضمانت جي درخواست رد ڪندي نيب جي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي آصف زرداري 28 مارچ کان 10 جون تائين 2 مهينا 12 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت تي رهيو آصف زرداري جي ڪچي ضمانت ۾ 5 ڀيرا واڌ ڪئي ويئي. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب جي اڳوڻا آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪرڻ کي نيب جي بيان تي هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت واري درخواسدت اڪلائي ڇڏي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب عدالت تي سخت ڪاوڙ ڪندي چيو ته اوهان کي هڪ درخواست ڏني ويئي ته ان تي قانوني تقاضا ته پورا ڪيو نيب ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن بلال احمد ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي نيب جي ڪري ڪيس اڃا تائين پيو آهي 8 مئي تي عدالت نيب کان جواب گهريو. نيب جي  جاچ ڪندڙ لکت جواب ڇو ناهي ڏنو اوهان ماڻهن جي اهڙي ئي پڪڙ ڌڪڙ ڪري رهيا آهيو جوابدارن جو جيڪو حق آهي اهو ته کين ڏيڻو پوندو سومر تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيب پاران عدالت ۾ بيان جمع ڪرايو ويو ته هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ آصف علي زرداري جا وارنٽ جاري ناهن ڪيا نيب جي بيان تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.  ٻئيِ طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب جي ٽيم آصف زرداري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي ٽيم جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي گرفتاري لاءِ پوليس جي وڏي نفري سان گڏ زرداري هائوس اسلام آباد پهتي. ذريعن موجب نيب ٽيم جي زرداري هائوس پهچڻ تي آصف زرداري جي وڪيلن نيب جي ٽيم کان عدالت طرفنا گرفتاري جا حڪم طلب ڪيا. زرداري هائوس کي چئني پاسن کان پوليس جي وڏي نفري گهيري ورتو آهي، وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر آهن، پوليس زرداري هائوس جي ڀرپاسي وارا رستا سيل ڪري ڇڏيا ۽ مک روڊ پڻ عام اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن موجب جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نامزد آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپور کي فوري طور گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي پارليامنٽ ميمبر هئڻ سبب نيب کي سندس گرفتاري کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي آگاهه ڪرڻ ضروري هو، جنهن لاءِ نيب جي ٽيم  پارليامنٽ هائوس پهتي جتي ٽيم اسپيڪر کي آصف زرداري جي وارنٽ بابت آگاهه ڪيو.هوڏانهن  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ضمانت رد ٿيڻ ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان کيس گرفتار ڪرڻ خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پ پ پ ڪارڪنن مظاهرن جو آغاز ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آصف علي زرداري جي گرفتاري کان پوءِ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن طرفان احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ 11 جون تي يوم سياهه ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جو چوڻ هو ته احتجاج سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندو ۽ هي مڪمل طور تي پرامن هوندو. هوڏانهن سکر ۾ آصف زرداري جي گرفتاري جي خلاف پ پ جي جيالن احتجاج ڪيو ۽ قومي شراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. قومي شاهراهه بلاڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ٽريڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي. ان کان سواءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۽ فيروزپور روڊ تي به پ پ جيالن طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ آصف زرداري جي گرفتاري کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر احتجاج به ڪيو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيپلز پارٽي جا جيالا آصف زرداري جي خلاف رستن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويا، پيپلز پارٽي سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ سموري سنڌ ۾ پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. آصف زرداري جي اباڻي شهر شهيد بينظير آباد ۾ پ پ ڪارڪنن مظاهرو ڪيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون. دولتپور صفن ۾ جيالا رستن تي نڪري آيا ۽ اڳوڻي صدر جي گرفتاري خلاف مظاهرو ڪيو. ڄام صاحب شهر جي مُک چوڪ تي پ پ ڪارڪنن مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، نتيجي ۾ ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ بند رهي. قاضي احمد شهر جي مختلف رستن تي پ پ جي جيالن آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو. جيڪي نيب خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. سکر ۾ پ پ يوٿ طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اُن موقعي تي ڪارڪن نعريبازي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ به قومي شاهراهه تي جيالن مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ معطل رهي.ٻئي پاسي پيپلز پارٽي طرفان سڀاڻي سموري سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو بيان جاري ڪندي چيو ته سڀاڻي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪارڪن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪندا، جيالا پُرامن نموني احتجاج ڪندا. نثار کهڙو چيو ته عدالت جي تڪراري فيصلن ذريعي پيپلز پارٽي کي جهُڪائي نٿو سگهجي، عدالتن جو احترام ڪريون ٿا پر تڪراري فيصلن تي پُرامن احتجاج جو حق رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *