ورلڊ ڪپ: پاڪستان تاريخ تبديل ڪري ڇڏي، ڀارت کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان ڀارت کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي. دبئي ۾ ڀارت طرفان مليل 152 رنسن جو هدف پاڪستان 17.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 68 ۽ محمد رضوان 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي 10 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي. بابر اعظم ۽ محمد رضوان رڪارڊ اوپننگ ڀائيواري به قائم ڪري ورتي.  ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي ڀارتي ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته شاهين آفريدي پهرئين ئي اوور ۾ روهت شرما کي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽائي ڇڏيو، جڏهن ته راهول 3 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جنهن کي به شاهين آفريدي آئوٽ ڪيو. ڀارت کي ٽيون نقصان سورياڪمار يادو جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 11 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ حسن علي جو شڪار ٿيو. ان موقعي تي رشاڀ پنت ڪپتان ويرات ڪوهلي سان گڏجي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 84 جي مجموعي اسڪور تي پنت 39 رنسون ٺاهي شاداب خان کي وڪيٽ ڏئي ويٺو. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي آخر تائين بهترين بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 57 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جديجا 13، پانڊيا 11 ۽ ڀونيشور ڪمار 5 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جنهن عيوض کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *