اسان آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان جي جوانن آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون آهن. آءِ ايس پي آر جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري بيان ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان گڏيل قومن جي 76هين سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ فوج امن لاءِ خدمتن ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي، اسان جي جوانن هر آزمائش جي گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون آهن. جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جون قربانيون دنيا سامهون آهن، اسان جون قربانيون قائداعظم جي ويزن موجب آهن، اسان جون قربانيون عالمي امن لاءِ اسان جي نه ڊهندڙ عزم جي عڪاسي آهن. واضح رهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج گڏيل مشنز مان هڪ آهي ۽ پاڪستاني فوجين جي گڏيل قومن سان خدمتون انجام ڏيڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستاني فوجين جي گڏيل قومن سان گڏ خدمتن کي سدائين عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جون خدمتون 1960 ۾ شروع ٿيون ۽ پاڪستان ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي آپريشن ۾ پهريون دستو مقرر ڪيو. پاڪ فوج جا پيس ڪيپرز هيل تائين 28 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ حصو وٺي چڪا آهن، پاڪ فوج جي پيس ڪيپرز ۾ 2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان شامل آهن. گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون انجام ڏيندي پاڪستان جا 161 جوان شهيد ٿيا، امن مشنز شهيدن ۾ 24 آفيسرن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *