مهانگائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪريون پيا: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني ادارن کي متحرڪ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملاقات ڪئي ۽ کيس بلدياتي ادارن کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو. عثمان بوزدار وزيراعظم کي عوام رليف لاءِ پنجاب حڪومت جي قدمن کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت به بريف ڪيو. ان کانسواءِ وڏي وزير مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ عوام کي رليف ڏيڻ تي ڌيان آهي، صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مختلف پروگرامن ذريعي ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي.  ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جي درخواست تي زرعي يونيورسٽي آف فيصل آباد جي سب ڪيمپس کي يونيورسٽي بنائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، گورنر جي ايس پلس اسٽيٽس ۾واڌ جي حوالي سان وزيراعظم کي پنهنجي يورپ جي دوري دوران يورپي پارليامينٽ جي نائب صدرن سميت يورپي پارليامينٽ ميمبرن سميت ٻين سان ٿيندڙ ملاقاتن تي بريفنگ ڏني وزيراعظم جي ايس پلس اسٽيٽس ۾واڌ لاءِ پنجاب جي گورنر جي ڪوششن کي به ساراهيو تفصيلموجب جمعي ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي دوري دوران گورنر چوڌري محمد سرور ايوان وزيراعليٰ ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سان گڏوگڏ پنجاب جي گورنر جي 10 ڏينهن جي يورپ جي دوري ۽ يوينورسٽيز ۾سڌارن سميت ٻين اشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي گورنر وزيراعطم عمران خانکي يورپ جي دوري حوالي سان بريفنگ ڏني گورنر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته يورپ جي دوري دوران منهنجي برسلز، اٽلي ۽ هنگري سميت ٻين ملڪن ۾ يورپي پارليامينٽ جي چئن نائب صدرن سميت 30 کان وڌيڪ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ٿيون جن سان پاڪستان لاءِ جي ايس پلس اسٽيٽس ۾ واڌ، افغان امن عمل، ڪشمير جو مسئلو، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ سميت ٻين معاملن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ يورپي پارليامينٽ ميمبرن افغانستان ۾ امن قائم ۽ اقليتن جي تحفظ لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيو آهي گورنر وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان ڪامياب ملاقاتن کان پوءِ مون کي يقين آهي ته انشاءالله جي ايس پلس اسٽيٽس ۾ واڌ جو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ايندو هن چيو ته يورپي پارليامينٽ جا ميمبر امن لاءِ پاڪستاني ڪردار کي ساراهن ٿا ۽ امن لاءِ پاڪستانکي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ملاقات ۾ وزيراعظم پنجاب جي گورنر جي درخواست تي زرعي يونيورسٽي آف فيصل آباد جي سب ڪيمپس کي يونيورسٽي بنائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي پنجاب جي گورنر وزيراعظم عمران خان جو شڪريو ادا ڪيو آهي جڏهن ته ملاقات ۾ وزيراعطم عمران خان چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي جنهن لاءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جا سمورا ادارا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن هن چيو ته مهانگائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *