ورلڊ ڪپ ميزبانن هٿان افغانين کي 150 رنسن تان مات

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي 24هين ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ جي ٽيم افغانستان کي 150 رنسن تان شڪست/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

ڏئي ڇڏي.مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ ۾ انگلينڊ طرفان مليل 398 رنسن جي جبل جيڏي ٽارگيٽ پويان افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهي سگهي.حشمت الله شاهدي 76 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته رحمت شاهه 46، اصغر افغان 44، ڪپتان گلبدين نائب 37 ۽ نجيب الله زادران 15 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن ڪا ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر ۽ عادل رشيد 3-3، جڏهن ته مارڪ ووڊ 2 وڪيٽون ورتيون.ان کان ميزبان ٽيم جي ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.برطانوي اوپنرن محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 10هين اوور ۾ 44 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 26 رنسون ٺاهيندڙ جيمز ونس کي داولت زادران پويلين موٽائي ڇڏيو.ان کانپوءِ جو روٽ ۽ جوني ايئراسٽو ۾ 100 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، بيئراسٽو پنهنجي سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ 90 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.پوءِ ڪپتان اين مورگن ڪريز تي آيو، جنهن شروع کان ئي جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ رڳو 71 بالن تي 148 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي وڏي اسڪور تائين پهچائي ڇڏيو، سندس اننگز ۾ 17 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا.جو روٽ 88 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته معين علي 31 اسڪور ڪيو.انگلش ڪپتان اين مورگن کي شاندار اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *