ڪا به سوديبازي نه ڪيو، سر جو جواب پٿر سان ڏيو: وزير اعظم جي ڪابينا ميمبرن کي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪابينا ميمبرن کي بجيٽ منظوري جي ڳڻتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اچو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت اپوزيشن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن کي اپوزيشن جي لهجي ۾ ئي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪابينا ميمبر بجيٽ منظوري جي ڳڻتي نه ڪن، اسان بجيٽ منظور ڪرائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ميمبر ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه اچن، اپوزيشن توهان کي ڳالهائڻ نٿي ڏئي ته توهان به انهن کي ڳالهائڻ نه ڏيو، پنهنجي موقف تان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽو، اسيمبلي سان گڏوگڏ ميڊيا تي به پنهنجي موقف تي قائم رهو ۽ ڀرپور جواب ڏيو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو جيڪڏهن اپوزيشن احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته 100 ڀيرا ڪري پر عوام جي زندگي ۾ خلل وڌو ويو ته قانون چُرپر ۾ ايندو. سندس چوڻ هو ته مان ڊڄڻ ناهي سکيو ۽ نه بليگ ميل ٿيندو آهيان، توهان کي هوشيار ڪيان ٿو ته ڪا به سوديبازي نه ڪيو ۽ سِر جو جواب پٿر سان ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *