مورگن ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اننگز ۾ وڌيڪ ڇڪا لڳائي نئون عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) انگلش ٽيم جي ڪپتان ۽ استار بيٽسمين ايوان مورگن ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اننگز ۾ وڌيڪ ڇڪا لڳائي نئون عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. هن افغانستان خلاف ورلڊ ڪپ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

ميچ ۾ اننگز ۾ 17 ڇڪا لڳائي اهو سنگ ميل پار ڪيو. ان کان اڳ اهو ريڪارڊ گڏيل طور روهت شرما، ڪرس گيل ۽ اي بي ڊي ويليئرز وٽ هو. ٽنهي بيٽسمينن هڪ جيترا 16 ڇڪا لڳايا هئا. افغانستان خلاف کيڏيل ورلڊ ڪپ جي 24هين ميچ ۾ مورگن جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 71 بالن تي 17 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 148 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، ان سان گڏ ئي هن اننگز ۾ 17 ڇڪن جو نئون عالمي ريڪارڊ پڻ قائم ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *