ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي امڪاني رانديگرن ۾ شامل نه ڪرڻ تي وهاب رياض مايوس

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض لڳاتار شاندار ڪارڪردگي جي باوجود ورلڊ ڪپ جي امڪاني رانديگرن ۾ نالو نه اچڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي کيس خبر ناهي ته ڪهڙن سببن تي کيس نظرانداز /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06

ڪيو پيو وڃي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وهاب رياض ورلڊ ڪپ جي امڪاني ر انديگرن ۾ نالو نه اچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.هن جو چوڻ هو ته لڳاتار ڪارڪردگي جي باوجود سندس نالو نه اچڻ حيران ڪندڙ آهي، هو تمام گهڻو پريشان آهي ۽ سندس وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڇو ته جيڪو ڪجهه هو اهو سڀ واپس ورتو ويو آهي.جڏهن ته هن اميد جو دامن هٿ مان نه ڇڏيندي چيو ته مون کي الله تي يقين آهي، مون سخت محنت ڪئي۽ اها رائيگان نه ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *