ايشون ۽ ويرات ڪوهلي وچ ۾ جهيڙو، شوقين حيران رهجي ويا

ممبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل 2019ع جي ميچ ۾ ايشون ۽ ويرات ڪوهلي آمهون سامهون ٿي ويا، ٻنهي طرفان ڪاوڙ جي اظهار تي شوقين حيران رهجي ويا.تفصيل موجب آءِ پي ايل 2019ع جي ميچ ۾ ڪنگز اليون پنجاب ۽ بينگلور جي ٽيمن وچ ۾ ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن وچ ۾ جهيڙي تي شوقين حيران رهجي ويا.ميچ جي آخري اوور ۾ ڪنگز اليون پنجاب جو ڪپتان ايشون بيٽنگ ڪري رهيو /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

هو ۽ آخري اوور ۾ 27 رنسون گهربل هيون، ايشون آخري اوور جي پهرئين بال تي ڇڪو هنيو ۽ ٻئين بال تي اسٽروڪ سڌو ڪوهلي جي هٿ ۾ ويو.هن ڪاوڙ مان ايشون کي پويلين واپس وڃڻ جو اشارو ڪري ڇڏيو جنهن تي ايشون به ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پنهنجا گلوز کڻي ڊگ آئوٽ طرف اڇلائي ڇڏيا.ميچ انتظاميه ٻنهي رانديگرن طرفان رويي کي غير مناسب ۽ جينٽلمينز گيمز جي قانونن جي خلاف قرار ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *