پاڪستان هاڻي افغانستان ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جو حصو نه ٿيندو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هاڻي افغانستان ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جو حصو نه ٿيندو، افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن سان پاڪستان پريشان آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي تڪرارن 40 سالن کان ٻنهي ملڪن کي وڏو نقصان پهچايو آهي، ڊگهي عرصي  کانپوءِ افغان امن عمل خطي ۾ امن لاءِ هڪ تاريخي موقعو آهي، پاڪستان افعاسنتان جي اندروني ڳالهين جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان هاڻي افغانستان ۾ ڪنهن به اندروني تڪرار جو حصو نه ٿيندو، افغان قيادت پاڻ پنهنجي ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪندي، افغانستان ۾ تشدد جي واقعن سان پاڪستان به پريشان آهي، تشدد جي ڪاررواين سان افغان امن عمل متاثر ٿيندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان زبردستي ڳالهين ۾ مسئلي جو حل ڳولڻ جي حق ۾ ناهي،  پاڪستان سمورين سياسي پارٽين کي وقت جي اهميت کي تسليم ڪرڻ تي زور ڀري ٿو، پاڪستان امن عمل جي ڪاميابي لاءِ سموري سفارتي ۽ سڪيورٽي ڪوششون ڪيون آهن. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس چين جو دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. وزيراعظم چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي، جتي هو چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪندو.

روانگي کان اڳ پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته چين اسان جو ويجهو دوست ۽ آئرن برادر آهي، پاڪ – چين ڀائيواري نين بلندين تائين پهچائڻ جي عزم سان دوري جي شروعات ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته دوري دوران بهترين دوست چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقاتون ٿينديون، چيني قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن تي ڏي وٺ ٿيندي، پاڪستان ۽ چين ۾ دوستي گڏيل احترام تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي دوست عوام جي دلين ۾ آهي، چين جي سهڪار ۽ حمايت تي ٿورائتا آهيون.

وزيراعظم چيو ته پاڪ – چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ جو فليگ شپ منصوبو آهي، سي پيڪ اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي موقعن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *