ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جي مايوسيءَ واري ڪارڪردگيءَ وارو سلسلو جاري

اينٽورپ (اسپورٽس نيوز) ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جي مايوسيءَ واري ڪارڪردگيءَ وارو سلسلو جاري آهي، ۽ ملڪي ٽيم فرانس کان ستين پوزيشن واري ميچ هارائڻ کان پوءِ ٽورنامينٽ ۾ 8 نمبر تي پهچي وئي آهي. بيلجيئم جي شهر اينٽورپ ۾ کيڏجندڙ ورلڊ هاڪي ليگ جي ستين پوزيشن جي ميچ ۾ فرانس پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ٻِن گولن تان هارائين اٺين نمبر تي ڌڪي ڇڏيو. پاڪستان طرفان واحد گول محمد توثيق ڪيو. واضح رهي ته ٽورنامينٽ ۾ پاڪستنا جي ٽيم صرف هڪ ميچ ئي کٽي سگھي هئي، گرين شرٽون هاڻي پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ شرڪت نه ڪري سگھنديون. ٻئي طرف آخري ميچ ۾ شڪست کان پوءِ ملڪي هاڪي ٽيم جو ڪپتان محمد عمران استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن پنهنجي استعيفيٰ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي عملدارن وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سندس چوڻ هو ته پي ايڇ ايف عملدارن سموريون سهولتون ڏنيون جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان پر رانديگرن سٺي راند پيش نه ڪئي، ٽورنامينٽ ۾ شڪست جي ذميواري قبول ٿو ڪيان، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نون رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *