خاموش طبيعت رکندڙ ماڻهو ٻين کان نرالا هوندا آهن. انسان جو لباس ان جي شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي:صبا قمر

ڪراچي (شوبز نيوز)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل صبا قمر چيو آهي ته خاموش طبيعت رکندڙ ماڻهو ٻين کان نرالا هوندا آهن. انسان جو لباس ان جي شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي. خابرو اداري سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران صبا قمر چيو ته ڪردار نگاري ڪنهن به پراجيڪٽ جي ڪاميابيءَ جي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ مون کي ذاتي طور ڪاميڊيءَ وارا ڪردار تمام گھڻا پسند آهن. ڪيريئر ۾ هر طرح جا ڪردار ڪري چڪي آهيان، خواهش آهي ته اهڙو ڪردار ادا ڪيان جنهن کي ماڻهو ورهين تائين ياد رکن. صبا قمبر چيو ته تازي دور ۾ ميڊيا جو ڪردار تمام اهميت وارو آهي. نجي ٽي وي چينلن جي معياري رپورٽنگ جي ڪري عوام ۾ تمام گھڻو شعور بيدا ٿيو آهي، مان ذاتي طور ميڊيا جي آزاديءَ جي حق ۾ آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *