ڀارت جو اڳوڻو قومي باڪسنگ چيمپئن ڪرشناروت پاڙي اوڙي جا گٽر صاف ڪرڻ تي مجبور

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي قومي باڪسنگ چيمپئن ڪرشناروت غريب هٿان تنگ ۽ هيٺين ذات سان تعلق هجڻ جي ڪري پاڙي اوڙي جا گٽر صاف ڪرڻ تي مجبور آهي. ڪرشناروت 1987ع ۾ قومي باڪسنگ چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو ۽ هاڻي هاورا ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 15 سالن کان سوئپر جي عارضي نوڪري ڪري رهيو آهي. کيس روز جي بنياد تي 200 رپيا ملندا آهن. ڪرشنا جو چوڻ هو ته 6 ماڻهن جي خاندان کي پالڻ ڏکيو آهي، بيمار ڀاءُ جو علاج به ڪرائڻو آهي. ان سلسلي ۾ هو اولهه بنگال جي وزير اعليٰ ممتا بينرجي کي اپيل به ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *