ورلڊ اليون جي خلاف رانديگرن جي لاءِ رنس ٺاهڻ جو بهترين موقعو آهي : سرفراز احمد

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ورلڊ اليون جي خلاف رانديگرن جي لاءِ رنس ٺاهڻ جو بهترين موقعو آهي تفصيل موجب ورلڊ اليون ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهريون ٽي ٽوينٽي ميچ 12 سپيٽمبر تي لاهور ۾ کيڏيون ويندو ۽ 8 ٽي ٽوينٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندڙ سرفراز احمد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قيادت ڪندو.  سرفراز احمد هڪ انٽرويو دوران  ٻڌايو ته ورلڊ اليون جي پاڪستان جي دوري سان نه صرف ملڪ جو ويران ميدان آباد ٿيندو پر ورلڊ اليون جو دورو ملڪ  ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ويسٽ انڊيز جي دوري جون چار ٽي ٽوينٽي ميچن ۾ صرف احمد شهزاد جي اڌ سينچري ٺاهڻ بابت سوال تي هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي پچن تي بال بيٽ تي سٺي طرح نه چڙهي رهيو هو. ان لاءِ اتي گھٽ اسڪور ڪندڙ ميچ ٿي. هن ٻڌايو ته قذافي اسٽيڊيم ۾ معاملو ڪجھه مختلف نوعيت جو هوندو 7 رانديگرن لاءِ هتي رنس ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *