ماڌوري ڊڪشٽ هاڻي موسيقي جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ۾ ڊانسنگ ڪوئين جي نالي سان شهرت ماڻيندڙ ماڌوري ڊڪشٽ هاڻي موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو. ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي جاندار اداڪاريءَ ۽ ڊانس جي ڪري باليووڊ ۾ هڪ الڳ سڃاڻ رکي ٿي. پر هاڻي ان جي انٽري ميوزڪ دنيا ۾ ٿي رهي آهي. ڀارتي ميڊِيا رپورٽ جي مطابق ماڌوري ڊڪشٽ ميوزڪ البم “ دي فلم اسٽار” سان موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکي رهي آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر جو آغاز پنهنجي نئين گاني  “تو هي ميرا” سان ڪندي جيڪو هن پنهنجي مداحن جي نالي ڪيو آهي. ماڌوري ڊڪشٽ جو چوڻ آهي ته “تو هي ميرا ” ڪلاسيڪل ڀارتي لوڪ ميوزڪ آهي جنهن ۾ اوڀر جي لوڪ پاپ ميوزڪ به شامل آهي اسانکي اميد آهي ته اسانجي ان ڪم کي مداح تمام گھڻو پسند ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *