يو ايس اوپن ٽينس: وينس وليمز وومنز سنگلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) آمريڪا جي نالي واري ٽينس اسٽار عالمي نمبر ون وينس ويلمز ۽ آمريڪا جي سلوني اسٽيفنز جي ڪاميابين جو سلسلو برقرار، يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ وومز سنگلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جڏهن ته جمهوريه چيڪ جي پٽيرا ڪويٽووا ۽ لوٽيا جي اناستاليجا سيوا استووا کي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو ۽ اهي ٽائٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون. آمريڪا ۾ جاري سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام ٽينس ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ اربع تي کيڏيل وومنز سنگلز ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آمريڪا جي وينس وليمز سخت مقابلي کانپوءِ جهوريه چيڪ جي پٽيرا ڪويٽووا کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته آمريڪا جي سلوني اسٽيفنزا لٽويا جي سيوا استووا کي هارائي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ٻنهي رانديگرن و چ ۾ سيمي فائنل ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *