وديا بالن سئنيما ۾ تراني هلائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

نئين دهلي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي ڊرٽي پڪچر فيم اداڪارا وديا بالن سئنيما گهرن ۾ ڀارتي ترانو هلائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته اوهان ڪنهن به ماڻهو کي زوريءَ محب وطن نٿا بڻائي سگهو. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ وديا بالن جو چوڻ هو ته مان ڪنهن به حالت ۾ ان ڳالهه جي حامي نه آهيان ته فلم شروع ٿيڻ کان اڳ ترانو وڄايو وڃي، ڇاڪاڻ ته يقينن اوهان اسڪول ۾ نٿا اچو، جو ترانو پڙهي ڏينهن جي شروعات ڪئي وڃي، هي تفريح آهي. هن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سئنيما ۾ ڪنهن به صورت ۾ ترانو نه وڄايو وڃي، پوءِ ته اها هڪ قسم جي غلطي ٿيندي. هن چيو ته ڪنهن کي به جبر ڪري ملڪ سان پيار نٿو پيدا ڪرائي سگهجي، تنهنڪري سينسر بورڊ ان لاءِ تبديلي آڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *