پاڪستاني فلمن جي آڇ ٿي ته قبول ڪنديس: زائرا وسيم

لنڊن(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور فلم “دنگل” ۽ “سيڪريٽ سپر اسٽار” ۾ ڪردار نڀائڻ بعد شهرت ماڻيندڙ ۱۷ ورهين جي ڪشميري اداڪارا زائرا وسيم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مونکي پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي ته آئون ان آڇ کي قبول ڪنديس. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي زائرا وسيم چيو ته ۱۷ سالن جي عمر ۾ ۲ وڏيون فلمون ڪرڻ تي آئون پاڻ کي گهڻو خوشقسمت سمجهان ٿي، ڇو ته انهن فلمن ۾ ڪم دوران مونکي سٺن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته منهنجي شخصيت اهڙي آهي جو هر وقت سوچيندي رهندي آهيان. هن چيو ته برقعو پائڻ خراب عمل ناهي، هر ڪنهن کي آزادي هجڻ گهرجي، ته هو چوڻ ڇا ٿو چاهي ۽ پائڻ ڇا ٿو چاهي، پوءِ اهو مرد هجي يا وري عورت هجي، آئون جيڪو محسوس ڪندي آهيان ان تي گهڻو ناهيان ڳالهائيندي، بس پنهنجي مختصر راءِ ڏيڻ ضروري سمجهندي آهيان، ڇو ته آئون پاڻ کي پنهنجي ذات تائين محدود رکندڙ شخصيت آهيان، پاڪستان ۾ منهنجي فلم “سيڪريٽ سپر اسٽار” کي گهڻو پسند ڪرڻ تي آئون ٿورائتي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *