دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان محفوظ ملڪ آهي: عامر خان

لاهور( اسپورٽس نيوز ) جڳ مشهور باڪسر عامر خان چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا ٽي 20 ميچ لاهور اچي ڏسڻ جو مقصد دنيا کي ٻڌائڻ آهي ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ آهي. برطانوي باڪسر عامر خان پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽي 20 ميچ ڏسڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. پاڪستان آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته مان پاڪستاني ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ لاهور آيو آهيان، پاڪستاني نوجوان راندين سان محبت ڪن ٿا، هتي عالمي راندين جا در کلڻ گهرجن، منهنجي دلي خواهش آهي ته عالمي رانديگر پاڪستان اچن ۽ ڪرڪيٽ کي هٿي ملي. هن چيو ته سڄي دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ آهي، ان سلسلي ۾ ايندڙ سال اسلام آباد ۾ سپر باڪسنگ ليگ ڪرائي رهيو آهيان جنهن لاءِ سموري پاڪستاني قوم جي سهڪار جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *