والاريل ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ڀارت شر پکيڙڻ چاهي ٿي: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) او آئي سي جي جنرل سيڪريٽري حسين برهيم تها سان پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي سومر تي پرڏيهي وزارت ۾ ٿيندر ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود اسپيشل سيڪريٽري خارجه رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر به ان موقعي تي موجدو هئا. پرڏيهي وزير او آئي سي جي جنرل سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت اچڻ تي دل جي گهرائين سان ٿورا مڃيا ۽ پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ او آئي سي پرڏيهي وزيرن ڪائونسل جي 48هين اجلاس جي انعقاد ۾ تعاون لاءِ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو شاهه محمود قريشي چيو ته او آئي سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي ڇو ته اسان پنهنجي آزادي جو 75هون سال ملهائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ تنطيمن جي سرگرمين جي باري ۾ سينيئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ٿيڻ خاص رپورٽ کي ساراهيو هن چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي هن چيو ته وحشياڻي فوجي قبضي جي تحت انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کان علاوه ڀارت والاريل علائقي ۾ شر پکيڙڻ چاهي ٿي هن چيو ته اسان گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي حاليه قرارداد جي منطوري جو خيرمقدم ڪريون ٿا. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آئي سي جي مسلسل توجهه ٿو مرڪز آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان او آئي سي چيئر جي طور تي پنهنجي ميڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *