آئي ايم ايف چئي رهيو آهي ته پاڪستان مضبوظ رستي تي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. آئي ايم ايف به نشاندهي ڪئي آهي ته پاڪستان مضبوط رستي تي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ صحت تي ايترو ڪم ڪنهن به نه ڪيو آهي، اسان سنڌ کان سواءِ سمورن صوبن ۾ اهڙو هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون جيڪو دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ به نه آهي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهو درست ناهي ته سينيئر ئي مٿي وڃي، مقرري ۽ ترقي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي نئين ايمرجنسي وارڊ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پمز اسپتال جو نئون ايمرجنسي وارڊ عالمي معيارن موجب قائم ڪيو ويندو، 1985ع کان پوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾ نئين اسپتال ٺهي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو درست ناهي ته سينيئر ئي مٿي ايندو، جيڪڏهن سينيئر سٺو چيف ايگزيڪيوٽو نٿو بڻجي سگهي ته پوءِ جيڪو بهترين آهي ان کي مٿي آندو وڃي، مقرري ۽ ترقي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيترو وڌيڪ ماڻهو ميرٽ تي رکندا اوترو معيار بلند ٿيندو، جيڪڏهن ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري ادارا به معياري خدمتون فراهم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت معيشت، صحت ۽ تعليم تي بي مثال ڪم ڪرڻ واري پهرين حڪومت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *