هڪ ٻئي کي چور چوندڙن جا اصل ارادا بي نقاب ٿي ويا: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته گڏيل اپوزيشن جي جلسي ۾ لاهور واسين طرفان شرڪت نه ڪرڻ شيطاني اتحاد تي عدم اعتماد جي برابر آهي، طاهرالقادري سدائين جمهوريت ڪش ڪردار ادا ڪيو. گڏيل اپوزيشن جي مال روڊ تي جلسي جي ردعمل ۾ ٽوئيٽ ڪندي سعد رفيق چيو ته ڪينيڊين شهري انتشار پکيڙڻ لاءِ پاڪستان ايندو آهي، هو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ واري پرڏيهي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، عمران، قادري ۽ زرداري جو شيطاني اتحاد سامهون اچي ويو. سندس چوڻ هو ته قتل جي ڪيسن جو فيصلو چوڪ تي نه پر عدالت ۾ ٿيندو، جمهوريت کي ڪجهه به ٿيو ته پهرين ذميواري شيطاني ٽولي جي هوندي.27 ٻئي طرف ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هڪ ٻئي کي چور چوندڙن جا اصل ارادا بي نقاب ٿي چڪا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته دنيا ڏسي ڇڏيو ته هڪ ٻئي کي چور چوندڙ گڏ ڪيئن ٿا، انهن جا اصل ارادا بي نقاب ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي قيادت ۾ گڏيل مخالف ڌر طرفان حڪومت خلاف پاور شو جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *