شيخ رشيد قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد لاهور ۾ مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي جلسي دوران اهڙو اعلان ڪيو. خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون جا قاتل ڪاروباري ماڻهو آهن ۽ شريف ڀائر پئسي جي زور تي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف اڄ هر هنڌ ڌڪا کائي رهيو آهي، اجمل قصاب جي گهر جو پتو نواز شريف ڏنو پر جيڪو ”مودي جو يار آهي غدار آهي غدار آهي“. شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته شريف ڀائر تقريرن سان نه ويندا آهن، تنهن ڪري مان اڄ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، عمران خان کي به استعيفيٰ ڏئي روڊن تي اچڻ گهرجي.27 شيخ رشيد چيو آهي ته اڄ چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن خلاف احتجاج جو پهريون ڏينهن آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن خلاف احتجاج جو اڄ پهريون ڏينهن آهي، اهو احتجاج انهن جي خلاف آهي جن ناٺي کي 9.9 ارب رپيا ڪابينا کان ڏياريا، اها ماڻهو پرڏيهي ايجنڊِ تي پاڪ فوج کي ذليل ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو 5 ججن کي فيصلي کي گند پيٽي ۾ اڇلائڻ جو چوندا آهن.  اهي ماڻهو سمجن ٿا ته وٽن ملڪ ۾ چوري جو حق جڏهن ته هو جيستائين قانون جي گرفت ۾ نه هوندا اسان سک سان نه ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *