ملڪ ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي،احتجاج نه انصاف گهري رهيا آهيون: خورشيد شاهه

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان سڀ هڪ آهيون ۽ اسان جي سوچ هڪ آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي، ملڪ کي قائم رکنداسين. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي، اسان احتجاج نه پر انصاف گهري رهيا آهيون، سڄي قوم چئي رهي آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي، اسان ماڊل ٽائون سانحي ۾ قتل ڪيل بيگناهن لاءِ انصاف گهري رهيا آهيون، معصوم زينب انصاف گهري رهي آهي. هن چيو ته جنهن رياست ۾ انصاف نه هجي اها تباهه ٿي ويندي آهي، اسان کي خبر آهي ته شهادت ڇا هوندي آهي، حڪمرانن کي شهيدن جي رت جو حساب ڏيڻو پوندو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *