هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ سياست، جمهوريت ۽ ادارا يرغمال بڻيل آهن: سراج الحق

پشاور(م.ڊ)  امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ سياست، جمهوريت ۽ ادارا يرغمال بڻيل آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسيمبلين کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي، وقت کان اڳ اليڪشن واري ڳالهه عمران خان جي ذاتي راءِ آهي، ساڻس ان بابت ڪابه مشاورت ناهي، هن چيو ته نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، هاڻي ته وڏن ماڻهن به عدالتن ۾ حاضري ڏيڻ شروع ڪئي آهي، هن چيو ته غريب ماڻهو پارليامينٽ تائين پهچي نه ٿو سگهي، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا، جتي سڀني کي برابري جي بنيادي تي حق حاصل هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *