ايشوريا رائي کي هن ڏهاڪي جي سڀ کان بااثر شخصيت قرار ڏنو ويو

ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي ووگ ميگزين باليووڊ اداڪاره ايشوريا رائي بچن کي هن ڏهاڪي جي  سڀ کان بااثر شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ذريعن جي مطابق ووگ ميگزين پنهنجي ڏهه سال مڪمل ڪرڻ تي هڪ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي. تقريب ۾ باليووڊ اداڪاره سونم ڪپور،  ايشوريا رائي، شاهه رخ خان، گوري خان ۽ ٻيا شامل هيا. ان موقعي تي باليووڊ جي اداڪاره ايشوريا رائي بچن کي هن ڏهاڪي جي  سڀ کان بااثر شخصيت قرار جڏهن ته شاهه رخ خان کي ڏهاڪي جو بهترين انٽرٽينر  جو ايوارڊ ڏنو ويو . تقريب ۾ سونم ڪپور کي بهترين فيشن  آئيڪون جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *