نواز شريف کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ وڏي شرم جوڳي ڳالهه آهي: عمران خان

اسلام(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان چيو آهي ته نااهل وزيراعظم کي پروٽوڪول ڏئي معاشري کي اهو پيغام ڏنو ته طاقتور بناخوف جي قانون ٽوڙي سگهي ٿو. جڏهن ته عمران خان سماجي رابطن واري سائيٽ توئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته “هڪ بي عزت ۽ نا اهل وزير اعظم کي سراڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو، هو نه صرف نااهل آهي پر ٽيڪس چوري، جعل سازي، مني لانڊرنگ، ۽ ٻيا الزام آهن ان کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ وڏي شرم جوڳي ڳالهه آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئير مين عمران خان آئي بي چيف کان اسٽيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آئي جي بي چيف کي رياست جو وفادار هئڻ گهرجي نواز شريف جو نه، آئي جي بي چيف اهو 4 ڏينهن لنڊن ۾ ڇا ڪري رهيو هو ؟ ڇا هو نااهل وزير اعظم سان ملڻ وي هو؟ عمران خان چيو ته آئي بي چيف رياست جو نمائندو آهي شريف خاندان جو نه ان کي فوري طور تي اسٽيفيٰ ڏئيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *