هڪڙا ڪشميري مودي کي منهن پيا ڏين ٻيا عمران خان کي: بلاول ڀٽو زرداري

ميرپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري مودي جي خلاف جهاد جڏهن ته آزاد ڪشمير جو عوام عمران خان جي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيو آهي. ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ريلي کي خطاب ۾ بلاول جو چوڻ هو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهيون، پيپلز پارٽي جي ڏکئي وقت ۾ ڪشيمري اسان سان گڏ هئا، آئون ڪشمير جي عوام کي لاوارث نٿو ڏسي سگهان، موجوده حڪومت جو ڪشمير بابت رويو ڏسان ٿو ته افسوس ٿو ٿئي، ڪشمير جي عوام ڀٽو جو ساٿ ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري مودي جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ هتان جو ڪشميري عمران خان جي مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيو آهي، توهان جي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي آهي، پوءِ ڀلي ڪشميري والاريل ڪشمير ۾ هجن يا آزاد ڪشمير ۾، توهان پيپلز پارٽي جي حڪومت بڻائيندا ته اسان توهان جا مسئلا حل ڪنداسين، اسان مودي کي به ڀڄائينداسين ۽ عمران خان کي به.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *