افغانستان ۾ خانه جنگي ٿي ته پاڪستان لاءِ نتيجا خوفناڪ هوندا: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ والاريل ڪشمير جي سينيئر سياستدانن وچ ۾ ملاقات، عام لاڳاپن جو عمل هو جنهن سان ڪوئي فائدو نه ٿيو منهنجي نظر ۾ اڄ به ڪشميري پنهنجي تشخص جي ڳولا ۾ آهن، پنهنجي خودمختيار حثيت جو مطالبو ڪن ٿا افغانستان ۾ گڏيل قومن جي فوج جي مقرري جو ڪوئي پروگرام اسان جي ڄاڻ ۾ نه آهي، اسان دفاع لاءِ مجبوري ۾ جوهري طاقت بڻجڻ جو قتل کنيو هو جوهري پاليسي ۾ ڪائي تبديلي نه آئي اهي، آمريڪي افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کان چڱي ريت واپس آهن طالبان ۽ افغان حڪومت جي ميمبرن کي ويهي پنهنجي مستقبل بابت ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جو ڪوئي پسنديده نه آهي ڳالهين سان جيڪو به نتيجو نڪرندو اسان ان جو احترام ڪنداسين جمعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ساهه محمود قريشي چيو ته هي ملاقات ڀارت ۽ نريندر مودي جي ساک بحال ڪرڻ جي ڪوشش هئي جنهن کي 5 آگسٽ 2019 جي قدمن سان بين الاقوامي طور تي ڌڪ لڳو هو هن چيو ته هي منهنجي نظر ۾ گذريل ڏينهن جي بيهڪ ناڪام، اجائي ۽ بي مقصد هئي جنهن مان ڪجهه نه ورندو منهنجي نظر ۾ اڄ به ڪشميري پنهنجي تشخص جي ڳولا ۾ آهن پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشميرين جي ڪشميرين کي پنهنجو مسقبل اونداهون نظر اچي رهيو آهي، تنهنڪري اهي پنهنجي مالڪاڻن حقن، نوڪرين جو تحفط چاهين ٿا ۽ ان بابت فڪرمند آهن هن چيو ته گذريل ڏينهن جي ويهڪ مان هڪ ڳالهه ظاهر ٿي ته وزيراعظم نريندر مودي ان ڳالهه کي مڃي ورتو ته دلين وچ ۾ وڇوٽي آهي ۽ ڪشميري دهلي کان پري آهن، پرڏيهي وزير چيو ته اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته ڪشمير ۾ حالتون هاڻي بهتر ٿي رهيون آهن سڀني پنج آگسٽ 2019 وارن قدمن کي تسليم ڪيو ۽ ان سان خوشگوار تبديلي ايندي پر اڄ هي جملا ان جي ابتڙ آهن هن چيو ته ترڪي کان گهر ڪئي پئي وڃي ته هو ڪابل ايئرپورٽ تي پنهنجي موجودگي قائم رکي پر ان تي ترڪي ڪهڙو فصيلو ڪيو يا افغانستان حڪومت يا طالبان جو ڇا موقف اهي ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي. ڇا طالبان پاران افغانستان ۾ وڏي حصي تي قبضي جو امن عمل تي ڪوئي اثر ٿيندو جنهن جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان چئي رهيا آهيون ته ڳالهيون هرهڪ جي مفاد ۾ آهن. جيڪو اڳتي وڌڻ جو بهترين طريقو آهي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بيڪ ڊور ڊپلوميسي بابت سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت ڪوئي بيڪ ڊور چينل موجود نه آهي اڳ به چئي چڪو آهيان ۽ ورجايان ٿو ته انٽيلجنس جي سطح تي خطي جي صورتحال جي حوالي سان رابطو ٿيندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *