ناصر شاهه ڳالهين لاءِ ٻاهر وٺي ويو، پويان پنج منٽن ۾ بجيٽ منظور ٿي وئي:اپوزيشن اڳواڻ

ڪراچي (م.ڊ) اپوزيشن اڳواڻن چيو آھي تھ پيپلز پارٽي اڄ 2 نمبري ڪئي آهي، ناصر شاهه ڳالهين لاءِ اسان کي ٻاهر وٺي ويو، پويان پنج منٽن ۾ بجيٽ منظور ٿي وئي، اپوزيشن طرفان سنڌ اسيمبلي مان تڪڙ ۾ بجيٽ جي منظوري غيرآئيني عمل قرار ڏنو ويو آھي، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اڄ جمهوريت جو انتقال ٿي ويو، متحده سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ۽ پي ٽي آءِ تقريرن جو فيصلو ڪيو هو، اختلافن باوجود شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪرڻ ڏني وئي، پر سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي، متحده ايم پي اي ڪنور نويد جميل چيو آهي ته سنڌ سرڪار بجيٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين شهري علائقن کي نظرانداز ڪيو آهي، متحده پاڪستان حڪومتي ميمبرز جي تقرير دوران احتجاج جو فيصلو ڪيو هو، جي ڊي اي ايم پي اي حسنين مرزا چيو آهي ته سنڌ ۾ سويلين آمريت قائم آهي، پيپلز پارٽي جمهوريت جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ عوام جو آواز دٻايو ويو، هاڻي سموري سنڌ ۾ آواز اٿڻ شروع ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *