هٿياربند فوجن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري تيل جا اگھھ وڌائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين واضح ڪيو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل اسمن جون قيمتون وڌنديون ته پاڪستان ۾ به اضافو ٿيندو قيمتن کي گهڻي دير تائين وڌڻ کان روڪڻ اسان لاءِ ممڪن نه آهي اپوزيشن ۾ حڪومتن کي ڪيرائڻ جي طاقت نه آهي مولانا فضلا لرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز، شهبازشريف پاڪستان جون اونداهي علامتون آهن سندن ڪوئي مستقبل نه آهي بلاول ۽ مريم نواز کي ڪراچي ۽ لاهور جي ميئر جي چونڊ وڙهي سياست شروع ڪرڻ گهرجي جي يو آئي مجموعي طور تي سٺ کان ستر سيٽن تي اليڪشن وڙهي ٿي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڊويزنن جون پارٽيون آهن عمران خان جي ڀيٽ ۾ انهن پارٽين جي ڪائي حيثيت نه آهي شهبازشريف جا ڪيس سڌي طرح عوام کي ڏيکاريا وڃن فرخ حبيب انهن ڪيسن جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ آڻيندو ڪابينه اهم شخصيتن ۽ عورتن تي سوشل ميڊيا تي بي هودا الزام لڳائڻ جي سلسلي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي اهڙن الزامن جي تدارڪ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي ايف بي آر جا 300 ٽريلين رپيا ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جا 250 ارب رپين جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن جيڪڏهن اسٽي آرڊرز جو مدو مقرر ڪيو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جو فائدو ٿيندو اڱاري تي سڌسماءُ وپاري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪابينه وفاقي حڪومت ۽ اعليٰ عدليه وچ ۾ اهم ملڪي معاملن تي صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ فورم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي هن فورم جي موجودگي ۾ اهم انتظامي معاملن ۾ غير ضروري التوا کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي چوڌري فواد چيو ته اهم التوا هيٺ معاملن ۾ ٽيڪس جا ڪيس، سيڙپڪاري، انتظامي مقررين تي اسٽي آردر جهڙا اهم ڪيس شامل آهن جن جي ڪري ملڪ کي وڏو نقصان کڻڻو پوي ٿو وفاقي وزير چيو ته هن وقت ايف بي آر جا 300 ٽريلين رپيا ۽ ريگيوليٽري اٿارٽِز جا 250 ارب رپين جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن جيڪڏهن اسٽيي آرڊرز جو مدو مقرر ڪيو وڇي ته ملڪ ۽ قوم جو فائدو ٿيندو وفاقي وزير چيو ته ڪابينه وفاقي حڪومت پاران پاڪستاني عوام کي 127 ارب رپين جي مفت ڪرونا ويڪسين فراهم ڪرڻ تي وزيراعطم کي خراج تحسين پيش ڪيو هن چيو ته ڪابينه وزارت ڪامرس جي سفارش تي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪترز جي نئين سر تنظيم ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي هن منظوري کان پوءِ بورڊ ۾ چيئرمين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن، وزارت ڪامرس، صحت واري وزارت ۽ ناڻي وزارت جا نمائندا سرڪاري ڊائريڪترز طور شامل ٿيندا وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ اقتصاديات جا ماهر همايون بشير، محترمه پورو سداوا، معين فودا ۽ انور منصور خان مختيارڪار ڊائريڪٽرز طور شامل ٿيندا هن چيو ته ڪابينه بين الاقوامي ڪمپني پي گيوٽ کي پاڪستان ۾ گاڏين جو ڪاروبار شروع رڪڻ جي حوالي سان ڪمپني جون گاڏيون ٽيسٽنگ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هن ٻڌايوت ه وفاقي ڪابينه انساني همدردي جي بنياد تي 34500 ميٽرڪ ٽن مڱن جي دال ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي سڌسماءَ جي وفاقي وزير چيو ته ڪابينه سعودي عرب سان821.80 ملين ڊالر قرضن جي موخر ادائيگي جي معاهدي جي منظوري ڏني وفاقي وزير چيو ته 2027 تائين ڪل اٽڪل 4 ارب ڊالر جون دائيگيون موخر ٿي وينديون جيڪي ملڪي ترقي لاءِ استعمال ٿي سگههنديون هن چيو ته ڪابينه ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ جاري ڪيل بين الاقوامي بانڊز جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني سنڌسماءَجي وفاقي وزير چيو ته ڪابينه هدايت ڏني ته انهن بانڊز کي انتظامي تحفظ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ قانون واري وزارت مشاورت ڪن وفاقي وزير چيو ته ڪابينه ڊاڪتر نويد حامد کي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ مانيٽري پاليسي ڪميٽي تي ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هن چيو ته ڪابينه پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل ڪلائوڊ پاليسي جي منظوري ڏني آهي وفاقي وزير چيو ته ڪابينه قانون واري وزارت جي سفارش تي لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ مقررين جي منظوري ڏني چوڌري فواد چيو ته ڪميشن ۾ جسٽس رٽائرڊ ميان محمد اجمل، جسٽس رٽائرڊ فيصل عرب، جسٽس رٽائرڊ محمد سيرعلي ۽ سينيئر ايڊووڪيٽ سيد اياز ظهور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هن چيو ته سمند پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ خاص عدالتون قائم ڪرڻ جي اصولي منطوري ۽ قانون ٺاهڻ جي هدايت ڏني آهي وفاقي وزير چيو ته انهن قانونن ۽ عدالتون قائم ٿيڻ سان سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتي ڪيس جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته بلاول ۽ مريم نواز کي ڪراچي ۽ لاهور جي ميئر جي چونڊ وڙهي سياست شروع رڪڻ گهرجي هن چيو ته اپوزيشن حڪومت کي هٽائڻ جي 3 ڀيرا ڪوشش ڪري چڪي آهي پر ڪامياب ناهي ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شهبازشريف جا ڪيس سڌي طرح عوام کي ڏيکاريا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ماڻهن کي پتو پوي ٿو مقصود پٽيوالو مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽن مان ڪيئن اربين رپيا شهبازشريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيا چوڌري فواد چيو ته فرخ حبيب انهن ڪيسن جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ قوپمي اسيمبيل ۾ پيش ڪندو هن چيو ته في الحال بي اعتمادي رٿ نظر نه پئي اچي مون کي ته هي جيلن ۾ نظر اچي رهيا آهن پيپلزپارٽي پاران عورتن جي تذليل تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪڏهن به سامهون ناهي اهي هي مسئلو (ن) ليگ سان آهي هو اهڙي قسم جي گندگي ڪن ٿا هن چيوت ه (ن) ليگ هن کان اڳ نصرت ڀٽو ۽ بي بي شهيد بابت به مهم شروع ڪئي هئي هن چيو ته مريم نواز ان شخص جي حق ۾ ٽوئٽ ڪيو جيڪو هي سموري مهم ليڊ ڪري رهيو هو هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين ڪرڻ ناڻي واري وزارت ۽ پيٽروليم وزارت جو ڪم آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شيون پيداوار نٿي ٿئي اسان کي عالمي منڊي کان پيٽروليم شيون خريد ڪرڻيون ٿيون پون عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌنديون ته هتي به قيمتون وڌنديون هن چيو ته قيمتن کي گهڻي دير تائين وڌڻ اسان لاءِ ممڪن نه آهي هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان جو اسپانسرڊ ٺهراءَ جي منطوري ڏني آهي جنهن ۾ فيڪ نيوز کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *