عوامي مارچ جي روٽ پلان جي منظوري، اسان پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين اثرائتي اپوزيشن ڪئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مارچ جي روٽ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، پيپلز پارٽي جو عوامي مارچ ڪراچي کان 10 ڏينهن ۾ 34 مختلف شهرن مان ٿيندو اسلام آباد پهچندو. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ عوامي مارچ جو آغاز ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار کان آچر 27 فيبروري تي صبح 10 وڳي ٿيندو. عوامي مارچ روڊ ذريعي ٺٽو ۽ سجاول مان ٿيندو بدين پهچندو جتي پهريون ڏينهن ختم ٿيندو. عوامي مارچ پنهنجي ٻئي ڏينهن 28 فيبروري تي حيدرآباد، هالا، نوابشاهه مان ٿيندو مورو تي ختم ٿيندو جڏهن ته پهرين مارچ تي عوامي مارچ مورو مان خيرپور شهر پهچندو جتي سکر ۾ ٽيون ڏينهن مڪمل ٿيندو. 2 مارچ تي لانگ مارچ جو آغاز سکر مان ٿيندو جتان روڊ ذريعي گهوٽڪي، رحيم يار خان پهچندو، 3 مارچ خميس تي عوامي مارچ رحيم يار خان مان شروع ٿيندو جتي بهاولپور، لوڌران کان ٿيندو ملتان ۾ ٿيندڙ وڏي عوامي اجتماع تي ختم ٿيندو. 4 مارچ جمعي تي ملتان کان لانگ مارچ خانيوال، چيچه وطني کان ٿيندو ساهيوال پهچندو. پڌرائي مطابق بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ عوامي مارچ آچر پنج مارچ ڇنڇر ڏينهن ساهيولا مان اوڪاڙه ۽ پتوڪي مان ٿيندو لاهور ۾ داخل ٿي ويندو، ٻنپهرن جو هڪ وڳي 6 مارچ آچر تي ناصر باغ لاهور ۾ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري عوامي مارچ جي قيادت ڪندي لاهور جي ناصر باغ کان شيرانواله باغ گوجرانواله پهچندو جتي عوامي اجتماع کي خطاب ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ لانگ مارچ 6 مارچ تي وزير آباد ۾ پنهنجي ڏينهن جي پڄاڻي ڪندو. 7 مارچ سومر تي عوامي مارچ جو قافلو وزير آباد مان لالا موسي ويندو جتي جهلم ۽ گوجر خان مان ٿيندو راولپنڊي لياقت باغ تي ڏينهن مڪمل ڪندو. 8 مارچ سومر تي لانگ مارچ جو آغاز راولپنڊي مان ٿيندو ۽ عوامي قافلو مختلف گذرگاهن کان ٿيندو اسلام آباد پهچندو.پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان بي اعتمادي رٿ جي جمهوري، آئيني ۽ پرامن طريقي سان حڪومت جي تبديلي تي يقين رکون ٿا خوشي آهي جو اپوزيشن جون ٻيون پارٽيون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اسان جي موقف جي حمايت ڪري رهيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي بلاول هائوس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شاهه سيد قائم علي شاهه آفتاب شعبان ميراڻي، نواب يوسف ٽالپر، منظور وساڻ، نويد قمر، شازيه مري سميت اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جا سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر وزير ۽ صلاحڪار شريڪ ٿيا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لانگ مارچ جي تيارين کان آگاهه ڪيو ان موقعي تي بلاول ڀتو زرداري قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ڌار ڌار اهم ٽاڪس ڏنا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ جمهوري اصولن کي مٿي رکندي لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين موثر ترين اپوزيشن ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *