ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، حڪومت فون ڪالز جي بنياد تي بيٺي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (م.ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، حڪومت ٽيليفون ڪالز جي بنياد تي بيٺي آهي، اتحادي چون ٿا هو رياست سان گڏ ۽ رياست حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڪثريت نه هجڻ باوجود هي حال ڪري ڇڏيو، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ تي هي ڇا ڪندا؟، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اسان جو مطلبو آهي ٽي وي ڪيمرائون لڳايو ۽ عوام کي احتساب جو عمل ڏيکاريو 548 ارب رپين مان ڪيتري رقم سياستدانن وٽ آئي؟، هن چيو ته ڪنهن جي گهريلو معاملن تي ڳالهائڻ مناسب ناهي، اڄ ملڪ ۾ ٽوئٽ ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو، هن چيو ته نيب چيئرمين کي گذارش آهي ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي، حڪومت انتهائي نااهل آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *