هي سياسي نه پر قومي سلامتي جو معاملو آهي، اپوزيشن سنجيدگي جو مظاهرو ڪري اجلاس ۾ شرڪت ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اپوزيشن جو پارليمان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ميٽنگ جو بائيڪاٽ افسوسناڪ آهي اپوزيشن پنهنجي فيصلي تي نطرثاني ڪري ۽ سنجيدگي سان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي وفاقي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو ڪائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي پاليسي پارليمان کي پيش ڪري رهي آهي چوڌري فواد چيو ته هي سياسي معاملو نه آهي پر قومي سلامتي جو معاملو آهي اپوزيشن پنهنجي فيصلي تي غور ڪري ۽ سنجيدگي سان اجلاس ۾ شرڪت ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *