اسپيشل ٻارڙن جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون سمجهڻيون پونديون، سمورن ڪمن جي ذميوار حڪومت نه آهي: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو ته اسپيسل ٻارڙن جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون سمجهڻيون پونديون سمورن ڪمن جي ذميوار حڪومت نه آهي اسپيشل ٻارڙن کي قويم ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي اسپيشل ماڻهن جي معاملي تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي اسپيشل ٻارڙن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي هر اسڪول ۾ اسپيشل ٻارڙن لاءِ استاد موجود هئڻ گهرجي اسپيشل ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو ته اسپيشل ٻارڙن جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون سمجهڻيون پونديون ڊاڪتر عارف علوي  چيو ته دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو اسپيشل هوندا آهن جيڪي ماڻهو تعليم حاصل ناهن ڪري سگهيا کين تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي هن چيو ته استادن کي اسپيشل ٻارڙن جي تعليم جي حوالي سان تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته هر هنڌ اسپيشل ماڻهن لاءِ ريمپ ٺاهڻ گهرجن عارف علوي چيو ته هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا هن چيو ته اسپيسل ٻارڙن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي هر اسڪول ۾ اسپيشل ٻارڙن لاءِ استاد موجود هئڻ گهرجي صدر چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهو ريسٽورنٽ هلائي رهيا آهن اين جي اوز اسپيشل ماڻهن کي سکيا ڏي هن چيو ته اسپيشل ماڻهن کي نوڪري جا موقعا به فراهم رڪڻ گهرجي اسپيشل ماڻهن جي حوالي سان دستياب سهولتن جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اسپيشل ماڻهن لاءِ خاص قدم کنيا احساس پروگرام ۾ 4 لک اسپيشل ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *