سيالڪوٽ واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ قبول ڪرڻ جهڙو ناهي: وزير اعظم/آرمي چيف

اسلام آباد/راولپنڊي اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم عمران خان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مينيجر کي تشدد بعد قتل ڪري سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي نه بخشيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملڪ لاءِ شرم جو ڏينهن آهي، هن چيو ته آئون سموري جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهيان، گرفتاريون جاري آهن، واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن تن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وينديون. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن هٿان سري لنڪا سان تعلق رکندڙ خانگي فيڪٽري جي مينيجر پرانٿا ڪمارا کي قتل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم هٿان پرانٿا ڪمارا جو قتل مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي. هن چيو ته اهڙي عدالت کان مٿانهين قتل کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته اهڙي ڪڌي ڏوهه ۾ ملوث جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *